SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


جاگيرداري نظام


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

جاگيرداري نظام

(Feudalism)

هڪ سماجي معاشي صورتحال، جيڪا غلاميءَ واري يا قديم پئنچائتي نظامن جي ٽوڙ ڦوڙ کان پوءِ سامهون آئي ۽ تقريباً سڀني ملڪن ۾ موجود رهي. حڪمرانن جي طرفان ڪنهن وفادار ملازم يا خدمتگار کي سندس خدمت جي عيوض، گذاري لاءِ انعام طور مليل زمين کي جاگير چئبو هو. جاگيردار ۽ هاري، جاگيرداري معاشري جا مرڪزي طبقا رهيا آهن، جاگيردار جا ساٿي اڪثر حڪمران ۽ مفادپرست مذهبي اڳواڻ رهيا، حڪمران طبقي ۾ سماجي جاگيرن جو هڪ سلسلو ترتيب ڏنل هو ۽ ننڍا جاگيردار، وڏن جاگيردارن جا زيردست هوندا هئا. ننڍي کنڊ ۾ جاگيرداري نظام دهليءَ جي سلطنت متعارف ڪرايو . سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ انگريز سرڪار حڪم جاري ڪيو ته جاگيردار ۽ اهي ماڻهو، جيڪي 17 فيبروري 1843ع تائين، جن زمينن تي قابض هئا، حاضر ٿي سلاميءَ جو پروانو حاصل ڪن ۽ پنهنجي معاف ڪيل ڍل واري زمين تي قابض ٿين. 1949-1948ع ۾ سنڌ حڪومت هڪ ائڪٽ ذريعي سنڌ مان جاگيرداريون ختم ڪري، اهي زمينون پشت به پشت هارپو ڪندڙ هارين ۾ ورهائي کين مالڪاڻا حق ڏيئي ڇڏيا. پر اهي حق صرف ڪاغذن ۾ ئي رهيا. جاگيرداري نظام اڄ به پنهنجي استحصال سميت سنڌ تي قابض آهي. سنڌي ترقي پسند ادب جو وڏو مرڪزي موضوع جاگيرداري نظام رهيو آهي. سنڌي اديبن پورهيت، هاري ۽ مزدور کي ملڪ جو هيرو ڪري پيش ڪيو آهي ۽ جاگيردارن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي ظلم تي ڦٽڪار ڪئي آهي.


انگريزي-سنڌي ڊڪشنريءَ مان:


جاگيرداري نظام

Feudalism


تجارت ۽ بينڪاريءَ جي ڊڪشنريءَ مان:


جاگيرداري نظام

Manorial system


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


جاگيرداري نظام

Feudalism


Territorialism


Remember Me Also:

معدن

مَعدَنُ

ذ . ث . (ع). کاڻ (سون، چاندي وغيره جي).

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal